شاهه ولي ٺٽوي سيد

شاهه ولي ٺٽوي، سيد: عالم ۽ بزرگ سيد شاهه ولي ٺٽويءَ جي والد جو نالو ابوالقاسم هو، سندس تعلق ٺٽي سان هو، ان ڪري پنهنجي نالي پٺيان ٺٽوي لکندو هو. هن پنهنجي دور جي نامور عالم مخدوم رحمت الله ٺٽويءَ کان تعليم حاصل ڪئي، ان سان گڏ باطني علم پڻ حاصل ڪيائين. کيس علم ۽ ادب سان گھڻو چاهه هوندو هو، سٺو شاعر هئڻ سان گڏوگڏ مضمون نگار ۽ خط نويسيءَ ۾ پڻ ماهر هو. هن هڪ ڪتاب ‘تحفة المجالس’ نالي لکيو، جيڪو ڳچ علمن تي مشتمل آهي. شاهه ولي خوشحال گھراڻي مان هو. وٽس ڪڪرالي ۾ جاگير پڻ هئي. هن 1738ع ۾ وفات ڪئي، کيس ڪڪراليءَ ۾ پنهنجي جاگير جڳت پور ۾ دفن ڪيو ويو، مشهور عالم لطف الله ڪتابي سندس شاگرد هو. (تحفة الڪرام، سنڌي ڇاپو، ص 485- 486) مير علي شير قانع هن بزرگ جو همعصر هو، جنهن سندس نالو مير شاهه ولي لکيو آهي. سندس شجرو هن ريت ڏنو اٿس: مير شاهه ولي ولد مير ابو القاسم بن مير علي اڪبر بن سيد عبدالواسع بن سيد حسيني بن سيد شڪرالله بن سيد ظهيرالاسلام بن سيد قاضي شڪرالله شيرازي. (مقالات الشعراءِ، ص 837)


هن صفحي کي شيئر ڪريو